ٻاجهارا بابت
معنيٰ
ٻاجهہ وارا، رحم وارا. مھربان، دياوان. ٻاجهہ يا رحم اچڻ جھڙا، رحم لائق.
The merciful, worthy of mercy. Generous.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، نَہ مُون سَڄَڻَ نَہ سيڻَ، وَرِتا ٿيئَڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي، اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي، ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي، پِنِئو پَنجَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي لِيلائي نَہ لَھين، تَہ پُڻ لِيلائيجِ، آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻَ ٻاجهارا گهَڻو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]