وِرمَنِ بابت
معنيٰ
ويرم ڪن، دير ڪن، بيھن، ٽِڪي پون، ترسن، ٺھرن، سھيڙن، دم پٽن. سيڙجن. جهلجن. رُڪجي وڃن. (ورميو، ورمندو،روڪجڻ)
May stay, sustain, may rest
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ، مانَ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريان جا ھَٿَڙا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو، رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَڄي ھَٿَ ساٿِيَنِ جي، مَ وانءُ مالارِي، ڏائي جا ڏيرَنِ جي، مَڻِجِ سا ٽارِي، مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي آرِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- زارِي سا زارِي، اَلولَ ٻاروچي سان ڪَندِيَس زارِي، ڪَري ڪوھِيارو وِئو، مُون سان قِيامَتَ ڪارِي، ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]