وَڍُ بابت
معنيٰ
چير، گهاءُ، ڦاڙ، ڦاٽ، چهڪ، جهير. زخم، ڀُنگ. ڀِٽُ جو لَڪُ. پيچ، وَٽ . سبق جو نشان.
A cut.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَو مُون پَڙِهئو پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، ھُوندَ نَہ ڏِيين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]