وَڍَڻُ بابت
معنيٰ
ڪپڻ، ڪترڻ. گهائڻ، چيرڻ، ڦاڙڻ، وڍي رکڻ، چھڪ ڏيڻ، چاڪ ڪرڻ، قطع ڪرڻ. فيصل ڪرڻ. ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ. (ڪن) ڏٻا ڪرڻ. (ڌنڌي ۾ ڪنھن کي) لڳائڻ. (وڍيو، وڍيندو، وڍيل). (نُنهن) لاهڻ، ڪپڙا (ويٽڻ).
To cut, cut off, lop, hew.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ، سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ، ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]