وَٿاڻُ بابت
معنيٰ
ماڳ مڪان، جاءِ، جڳھ، چوپائي مال جي بيھارڻ جي جاءِ، هنڌ، لوڙهو، واڙو، ڪَڙه. ڀاڻُ، واڙو.
A place, residence. An enclosure or pen for putting up cattle in at night.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي، وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ، ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو، جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ، جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ، چارِي چاڙِھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ، جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]