وَصُلُ بابت
معنيٰ
لاڳاپو، ڳانڍاپو، وڇوڙي بعد ملڻ، ميلاپ، ملاقات، جوڙ، وِصال، سنجوڳ.
Meeting, connection, make love, having love.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهتِي سا، وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن، لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]