وَراڪو بابت
معنيٰ
وٽ، ورُ، پيچ، مروٽ، مروڙ، وڪڙ، آڪيڙو، مھٽ، ڦيرو، ولو، گهمتاري، چَڪر، گردش، گيڙو، ڦيراٽي، وراڻو. رستي جا ڏنگ يا وڪڙ، پيچرا.
Twist, turn, twisting, wind, winding.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺِنِ ڪونَہ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونِهي سَڱُ، ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُ، باسي ڀَئِي ڀَنگُ، رِڙِھِي ڄامَ رَسِيُون.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو، آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏي سُورِ، آرَسُ جَنِ اَسُورِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏِي سَتِ، جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين، ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ، جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]