وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ بابت
معنيٰ
”۽ مان اوھان جي ذات ۾ پوشيدہ آھيان، ڇا اوھان نہ ٿا ڏسو“. (قران مجيد ۾ سورة الذاريات آيت نمبر ايڪويھين)
"And I am in yourselves. Then will you not see?" (Quran: Surat uz Zaariyaat verse No: 21)

بيتن ۽ وائين ۾
- ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَھِي؟ وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ، سوجهي ڪَرِ سَھِي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ وَھِي،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾، پِرِين پاڻَ پَساھُ، جَي ٿِيي ھيڪاندِ حَبِيبَ سين، وَحدَتَ تَنھِين واھُ، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين، ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا…[ سُر آسا - وايون ]