ويسُ بابت
معنيٰ
لٽا، جوڙو، پوشاڪ، ڪپڙا، لباس، رنگُ، ڍنگُ، نمونو . فقيرن جي کين مرشد وٽان مليل پڳ. چمڙا پوش.
Disguise personating dress wardrobe clothes
بيتن ۽ وائين ۾
- جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ، لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ، تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا، پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا، ڇورِي ڇِنِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]