ويسُ جي سنڌي معنيٰ
لٽا، جوڙو، پوشاڪ، ڪپڙا، لباس، رنگُ، ڍنگُ، نمونو . فقيرن جي کين مرشد وٽان مليل پڳ. چمڙا پوش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Disguise personating dress wardrobe clothes
ويسُ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِيو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 18 ]
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو،
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري مارِئو.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 12 ]
توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين،
تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ،
گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي پيئِي گهارِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 24 ]
تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ،
گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي پيئِي گهارِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 24 ]
پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا،
پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا،
ڇورِي ڇِنِي آھِيان، مُون کي لَنگهَڻُ ڇوڙائيجا،
جوڳِيءَ ڪو ويسُ ڪَري، مُنھِنجِي سِگهَڙِي سارَ لَھيجا،
مُون تان وَڙُ وِڃايو، اَئِين ڪو پَنھِنجو وَڙُ ڪَريجا،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَھلَڙِي وَھرَ ڪَريجا.
[ سُر حسيني، وايون، 26 ]