نيزا بابت
معنيٰ
ڀالا، ڏڦا، گرز (ھٿيار جو ھڪ قسم)
Lances.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي، جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ، اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان، عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]