نيزا جي سنڌي معنيٰ
ڀالا، ڏڦا، گرز (ھٿيار جو ھڪ قسم)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lances.
نيزا جا بيتن ۾ حوالا
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 2 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
English Meaning
Lances.