ناتو بابت
معنيٰ
رشتو قرابت، خويشي، رشتيداري، مٽاچاري، عزازت، مائٽي، سٻنڌ، تعلق، ڀائيبندي، واسطو، لاڳاپو، ڳانڍاپو، نسبت، دوستي، واقفيت. عشق. اُلفت، پريت.
Relationship, alliance.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين، ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو، تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]