مُقامُ بابت
معنيٰ
ترسڻ جي جاءِ، مَسڪن، آستانُ، ٺِڪاڻو، آستانو، جڳھ، جاءِ، مڪان، گهر، منزل، ڊاٻو، ويساهي، منزل گاه، ڀاڻو، قيامو، اُتارو، لاشن دفن ڪرڻ واري زمين، قبرستان، گورستان.
A resting place, a stage in a journey, a halt. A burial ground, cemetery, graveyard.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي، سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]