مُقامُ جي سنڌي معنيٰ
ترسڻ جي جاءِ، مَسڪن، آستانُ، ٺِڪاڻو، آستانو، جڳھ، جاءِ، مڪان، گهر، منزل، ڊاٻو، ويساهي، منزل گاه، ڀاڻو، قيامو، اُتارو، لاشن دفن ڪرڻ واري زمين، قبرستان، گورستان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A resting place, a stage in a journey, a halt. A burial ground, cemetery, graveyard.
مُقامُ جا بيتن ۾ حوالا
اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]

شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]

جيڪَرَ ڄاڻي ڄامُ، تَہ ڪا نَوازِبِي نُورِي،
سَندو مي مُقامُ، ھُوندَ سَمي سيراندِيءَ ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 15 ]