مُطالِعُ بابت
معنيٰ
اڀياس، غور، فڪر، سوچ اڀياس ڪرڻ
Study, observation, research.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِنِ کي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَهنِ، فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ، پَنو سو پَڙَهنِ، جَنھِن مان…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران، اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جو وَرَقُ وِصالَ جو، تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]