مُرادُون بابت
معنيٰ
گهُرون، طلبون، ڇِڪون. چاھ، چاهتون، چاهنائون. خواهشون، اِڇائون، مَنشائون، سَڌون، دل جا لاڙا، آرزو، ارادا، نِيتون، مقصد، مدعا، اُميدون، مرضيون، آسون. اَرٿ.
Desires, wishes, intentions, designs, hopes.
بيتن ۽ وائين ۾
- آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين، جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ٻارَھين ڏِينھِن ٻَئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون، جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي، سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ، مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ، آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]