مَڻِڪو بابت
معنيٰ
مَڻيو، موتِي، داڻو، تسبيح جو داڻو. مڙڪو. پٿر جو موتي.
A bead, a kind of pebble worn as a charm.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ، ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ، ڪُوڙا ٿِيندُءِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ، تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ، وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]