مَعافُ بابت
معنيٰ
عَفُوَ ڪيل، بخش ڪيل، معافي ڏنل، مَرهيل. بي ڏوھو ٺھرايل، بَري، ڇَڏيل، ڇُٽل، اَجو، آزاد. درگذر ڪيل. رخصت ڏنل، مامور ٿيل.
Absolved, excepted, forgiven, pardoned, excused.
بيتن ۽ وائين ۾
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ، قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ، ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو، مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ، تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو، موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو، آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو، مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ، جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ، مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- کِکِي ھَڏِ نَہ کاءِ، ڇِڇي ھَڏِ نَہ ڇُهي، نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ، سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ڪالَهہ ڪِيائُون ڪُوڻِيُون، اَڄُ ٿِي ڪُمُ ڪَري، ھِتان ھَلِيُون ھيڪَلِيُون، ڀاڪُرَ ڀَنَ ڀَري، تَماچِيءَ جي تَڙَ تي، سَڀَڪا ڏَنُ ڏي،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ، لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ، ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]