مَدَتَ بابت
معنيٰ
مدد، واهر، سھائتا، حمايت. همراھ، پٺڀرائي، مدارت، ڀرجهلو. (مدد جو بگڙيل ٻول)
Aid, assistance.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪُڇَنِ آھِيان ڪوٽَ ۾، ڇَنِ نَہ ڇَڄي ھيٺِ، لوئِيءَ سين لَطِيفُ چئَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ، ھُتِ سَپَجي اُنَ سَسَنِ جِي،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]