موريسَرَ بابت
معنيٰ
ڪَٽَر، سرٽُ. اک جي هڪ بيماري، ڇپرن ۾ اندران وار.
Motes in the eye.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون مُورِ نَہ پُڇِئا، تيلاھِين پِئامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- مانَ ٻاروچا ھُونِ، ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِيُنِ سين، جَنِي ڌاران پُونِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا، ٻاروچا ڪوھِيارا، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا، سُڌِ نَہ اُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]