ماڳَنِ بابت
معنيٰ
رهڻ جو هنڌن، جاين، جڳھن، هنڌن، مڪانن، آستانن، گهَرن. منزل گاھن، ٺِڪاڻن. وطن، ملڪن ديس. گامن، ڳوٺن، شھرن.
Places, residences, stations.
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا، سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون، نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ، موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ، سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي، پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي، موتِي جَنِ…[ سُر ڪارايل - وايون ]