لِباسَ بابت
معنيٰ
پوشاڪ، ويس، وڳا، ڪپڙا، جامان، وستُر، ڪپڙا لَٽا، ڍَڪ، سَتر، برقعا. ڍنگ، روپ، مُلمعا، ڏيکُ. زرين پوشاڪ، زَر، زيور، هار سينگار، ٽِيپ، ٽاپ، ڏيک ويک، ڀَڀڪا.
Dreesing, suiting, fawning, flattery.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو، اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ، جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَنِي پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ھُو جٖي ٿِئا ھَرڪيسِ، تَنِ لَڳي ڪِينَ لِباسَ سين، وَتَنِ وِلِهي ويسِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]