لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ بابت
معنيٰ
”نہ ھن ڪنھن کي ڄڻيو آھي نہ ئي وري ھو ڪنھن مان پيدا ٿيو آھي.“ (قرآن مجيد جي سورہ اخلاص جي آيت)
"Who has not given birth, and has not been born." (A verse of Soorah Ikhlas in Holy Quran)

بيتن ۽ وائين ۾
- اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين تان سيئِي، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، وانءُ اوڏاھِين پيھِي. تِھان مَنجهيئِي، پارَکَ پَرِکِجِ حَقَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري، ڳَنان عَھَدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِھائِين پَري، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، مارُئِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ، نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ، لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]