لَحظي بابت
معنيٰ
گهڙي، ساعت کن، ويرم، ٿوري دير، پلڪ، پَلُ. ذرو، رَتي.
Wink of an eye, a moment, a minute, a glance.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جو وَرَقُ وِصالَ جو، تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سَمَرُ نَہ جَنِي ساڻِ، ھوتُ حِمائِتِي تَنِ جو، ڇَنا اَڏِبا ڇَپَرين، اِيندو پُنهون پاڻِ، ٿِيندِي رُوحَ رِھاڻِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- لاڳاپا لاھِ، لَحظي ۾ لَطِيفُ چئَي، تِھان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سَندو پيچِرو.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنِهين جي آئُون، مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]