ليڙا بابت
معنيٰ
اُٺَ، ڏاگها، ڪرھا، ڏاگها.
Camels.
بيتن ۽ وائين ۾
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ، مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ، وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ، اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾، آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- بُرو فازا بات جَنِي، سِيروُزي شِيشِي، ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي، ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي، پُنهون پَرويشِي،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]