ليڙا جي سنڌي معنيٰ
اُٺَ، ڏاگها، ڪرھا، ڏاگها.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Camels.
ليڙا جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا ڏَسَ،
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
وَڃِي ٿِئا وَڻِڪارَ ۾، ليڙا ڪاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏا ڪئَمِ وَسَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 14 ]
ڀِنِيءَ ٿِئا ڀيڙا، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، کَنيائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لَنگهي وِئا ليڙا،
وِلِهِيءَ جا ويڙِھا، سُڃا سَرَواڻَنِ ري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 15 ]
بُرو فازا باتِ جَنِي، سِيروُزي شِيشِي،
ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي،
ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي،
پُنهون پَرويشِي، ڪِجِ پِيادِنِ جِي پَنڌَ ۾.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 5 ]
ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي،
ليڙا راتِ لَطِيفُ چئَي، نَڌائُون نيشِي،
پُنهون پَرويشِي، ڪِجِ پِيادِنِ جِي پَنڌَ ۾.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 5 ]
English Meaning
Camels.