لوچِ بابت
معنيٰ
نھار، ڳول، ڦول، ڍُنڍ، جانچ ڪر، سوجهہ، دَوڙ، ڏس، جاچ، وائيس، تلاش ڪر، ڦولهہ ڪر، کوج، سوج، ڳولا ڪر، اندر جهاتي پاءِ، پاڻ پس. اِڇا ڪر، چاه، منشا ڪر، خواهش ڪر. ڪم ڪر، محنت ڪر، پورهيو ڪر.
To search for, seek, desire, wish for.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ، اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن، ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- لوچِ دا وي بَلوچَ دا، ميرا مَنُ، پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان، اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ، ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ، ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لَڄَ بَلوچِي نِشتَگان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌائِي، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي، جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جَا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين، ڊِنگَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، واري سڄي وَرَقَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جَنِي پيئِي باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي، ڇَڏي سي لِباسَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيئِي جَنِي سُڌِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي ٻِي سَڀَ ٻُڌِ، لوچِي لاھوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- کَنجي ڏُوگَرَ گامَ ۾، جي پيھِي وِئا ڏِينھَن، سيئي وَسائي مِينھَن، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]