لاھِيندا بابت
معنيٰ
ڍاريندا. کَل اُتاريندا، روڙيندا، (ڪپڙا وغيرہ) لاهيندا، (پن يا اھڙي ڪا شئي) روڙيندا، ڇنندا. ڪَٽَ ڪندا. سُڪيءَ تي آڻيندا.
Put off, peel off, rub out, extract.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ آڳَڙِيا آيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ، لاھِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪَندا پَڌِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون، ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ھِي سَڄَڻَ اُھي ئِي، جٖي مُون ڪوڏِ نِھارِئا، اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ تي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، تُھَنِ جِيئَن تاري، اِيندامِ اوتاري، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]