لاڳاپو بابت
معنيٰ
لڳل يا ڳنڍيل هئڻ واري حالت، ڳانڍاپو، واسطو، تعلق، ڳنڍ، ناتو، ميلاپ، گَھرائي، لڳڻ، پيار، موھ، پيوند، ممتا، لڳاءُ، چاھ، سٻنڌ، رَبطُ. نسبت، مائٽي، عزيزي، رشتيداري، مِٽِي مائٽي، ويجهڙائي، ياراني، عزازت. لھ وچڙ، رشتو، راھ، نمونو.
Attachment, bond of friendship, relationship, connection.
بيتن ۽ وائين ۾
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَھا مَ ڪاھِيو، جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آھِيو، لاڳاپو لاھِيو، مَتان مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏُونگَرَ ڏوراپو، پھرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ کي، پَھَڻَنِ پيرَ ڏُکويا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو، رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو،…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- رَھِيو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورِئان نِجُهرو، لاٿو ڏيھَ وَڻَنِ سين، مُون لاڳاپو ۽ لاڳِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]