قُربُ بابت
معنيٰ
پيار، پريت، محبت. عزت جو ورتاءُ، تعظيم، مانُ، مُھت. ويجهڙائي، نزديڪي، ويجهي ٿيڻ جي حالت.
Love, affection, near, close
بيتن ۽ وائين ۾
- پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو، نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ، عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين، اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، جَڙِيائُون سين جانِ، اَپَرِ اَلِ عِمرانِ سين، قُربُ ڪِئو ڪِيڻانِ، سُخنَ جي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]