قَمَرُ بابت
معنيٰ
چنڊ چَندر ماھ، ماھتاب، مَھ. (مئڻو) آسمان تي ڌرتيءَ ٻاھران گردش ڪندڙ ھڪ گرھ، جيڪو سج جي روشنيءَ تي چمڪندو آھي.
The moon, moon.

بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- جَا نِشانِيءَ نُورَ جِي، سا پِرِينءَ پيشانِي، جوڙِيَلُ ڪو نَہ جَھانَ ۾، سَندُسِ ڪو ثانِي، قَمَرُ قُربانِي شَمسُ سَڄَڻَ تان…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جَا پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشانِي نيڻَنِ، شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پاڙِيان؟[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، اَڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻُوھِيو پيرَ، قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپَيرِيَن سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]