قاصِدُ بابت
معنيٰ
پيغام پھچائيندڙ، سنيھو رسائيندڙ، نياپو پھچائيندڙ، نياپو نيندڙ، سَنديسو آڻيندڙ، ريٻارو. قصد ڪندڙ، ارادو ڪندڙ.
A courier, messenger, runner.
بيتن ۽ وائين ۾
- گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾، اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو، اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي، چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي، نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي، ڪونِهي ٻِئو…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ، جَنھِن جِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]