قاصِدُ جي سنڌي معنيٰ
پيغام پھچائيندڙ، سنيھو رسائيندڙ، نياپو پھچائيندڙ، نياپو نيندڙ، سَنديسو آڻيندڙ، ريٻارو. قصد ڪندڙ، ارادو ڪندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A courier, messenger, runner.
قاصِدُ جا بيتن ۾ حوالا
گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾،
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ پَڇاڙِيين پوتِيا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 12 ]
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ پَڇاڙِيين پوتِيا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 12 ]
ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
English Meaning
A courier, messenger, runner.