قائِمُ بابت
معنيٰ
سنئون، سڌو، مستحڪم، هو بيٺو کڙو ٿيندڙ، اُڀو ٿيندڙ بيهندڙ. کڙو ٿيل، اُڀو ٿيل، بيٺل. اُڀو، هڪ هنڌ بيٺل، اَڻ ڌُڏُ، اڏولُ وغيرہ
Straight, established, eternal etc
قائم: (ع) بيٺل، يعني ھميشه کان محڪم. قرآن شريف ۾ ”قائم“ جي بدران ”قيوم“ آيل آھي.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن آئُون وَرَ وِلِهِي مَ ٿِيان، پِرِين تُنھِنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آھِيان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ، داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ، ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي، ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي، اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]