قائِمُ جي سنڌي معنيٰ
سنئون، سڌو، مستحڪم، هو بيٺو کڙو ٿيندڙ، اُڀو ٿيندڙ بيهندڙ. کڙو ٿيل، اُڀو ٿيل، بيٺل. اُڀو، هڪ هنڌ بيٺل، اَڻ ڌُڏُ، اڏولُ وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
قائم: (ع) بيٺل، يعني ھميشه کان محڪم. قرآن شريف ۾ ”قائم“ جي بدران ”قيوم“ آيل آھي.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Straight, established, eternal etc
قائِمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن آئُون وَرَ وِلِهِي مَ ٿِيان،
پِرِين تُنھِنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 9 ]
پِرِين تُنھِنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آھِيان.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 9 ]
جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي ڪِيسُ ڪَڻَنِ،
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
داڻا جٖي دَوارَ ۾، پِيسِئو سي پَوَنِ،
ڳاري ڪِينَ ڳَرَنِ، جٖي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 29 ]
جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي،
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]
English Meaning
Straight, established, eternal etc
قائِمُ ٻول جا زمرا