غَفلَتَ بابت
معنيٰ
بي پرواهي، بي خيالي، بي ڌياني، بي توجھي. ڪاهِلي، غافلي، سستي. ڀُلَ چُڪ، خطا. ويسر، نسياني.
Heedlessness, carelessness, thoughtlessness, inattention, oblivion, negligence, forgetfulness.
بيتن ۽ وائين ۾
- غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو، سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو، پُڇان ٿِي پُنهونءَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]