عارِفَ بابت
معنيٰ
سڃاڻندڙ، واقف، ڄاڻندڙ، ڄاڻو. خدا کي سڃاڻندڙ، الاهي معرفت وارا، محبت الاهي ۾ غرق. سياڻا، عقلمند، داناءَ.
Wise, knowing, enlightened, godly, pious, mystic.
بيتن ۽ وائين ۾
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ، ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ مَڱَنِ، ھُو رَوادارَ رَکَتِ جا، ھِي ھَٿان ھَٿِ گُهرَنِ، ساعَتَ سالَ چَوَنِ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]