عاجَ بابت
معنيٰ
هاٿيءَ جو وات جي ڀر وارو هڏو، هاٿيءَ ڏندُ.
Ivory, elephant tusk.ivory
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ، پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ، چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]