طَمَعَ بابت
معنيٰ
لوڀ، لالچ، حرص. خواهش، چاھُ، گهرج، ضرورت. اميد.
Covetousness, desire, expectation
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي، تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ، جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ، مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا، ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]