ضايَع بابت
معنيٰ
برباد، زيان.
Lost, spoiled, wasted, fruitless, abortive.
بيتن ۽ وائين ۾
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاھِ، آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ، لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪُرَھو ڪيھَرِيا، پَسو واگُهہ وِلاڙِيو، ٻيٽو ٻاپَ مُلان، ذَرو ضايَع نَہ ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]