صِفَتَ بابت
معنيٰ
اُهڃاڻ. گُڻ يا چڱاين جو بيان. تعريف، خوبي، وصف، ساراھ، واکاڻ، خاصيت، خصلت. حمد، ثنا. آفرين، تحسين، واھ واھ. تاثير. وضع، سڀاء، لڇڻ. لياقت، سيرت، خصلت، عادت. هوشياري.
Quality, epithet, trait, characteristics, feature,attribute, praise. Attribute, property.
بيتن ۽ وائين ۾
- خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي، مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ، حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ، اَپَرِ اِشارَتَ، سِڌَ نَہ آھي سُٿِرِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ، اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]