صِفَتَ جي سنڌي معنيٰ
اُهڃاڻ. گُڻ يا چڱاين جو بيان. تعريف، خوبي، وصف، ساراھ، واکاڻ، خاصيت، خصلت. حمد، ثنا. آفرين، تحسين، واھ واھ. تاثير. وضع، سڀاء، لڇڻ. لياقت، سيرت، خصلت، عادت. هوشياري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Quality, epithet, trait, characteristics, feature,attribute, praise. Attribute, property.
صِفَتَ جا بيتن ۾ حوالا
صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ،
اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 14 ]
اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 14 ]
خُوبِي مَنجِهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عَبدِالْلَطِيفَ کي،
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
مَدَحَ مُنھان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعَ مَحَبتَ،
پِريان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ.
[ سُر معذوري، وايون، 1 ]
اَحَدان اَڳي جَا ھُئِي، سُوڌِي سا صِفَتَ،
اَپَرِ اِشارَتَ، سِڌَ نَہ آھي سُٿِرِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 13 ]
اَپَرِ اِشارَتَ، سِڌَ نَہ آھي سُٿِرِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 13 ]
English Meaning
Quality, epithet, trait, characteristics, feature,attribute, praise. Attribute, property.