شَمعَ بابت
معنيٰ
چرٻي ۽ ميڻ مان ٺھيل بتي، ميڻ جي بتي، ميڻ بتي، موم بتي.
Candle, wax light, sconce.

بيتن ۽ وائين ۾
- وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين، شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي، بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن،…[ سُر کنڀات - وايون ]
- شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون، موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ، تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]