سِيباڻا بابت
معنيٰ
وڻيل، پسند ٿيل. مناسب، لائق، دِل گهريا، خواهان، سيبڻ. سُھائڻ، جُڳائڻ.
Favourites, ables, most demanded, amours, desired.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڌِيءَ اُڌاڻا، سَرَتِيُون سُکَ ميھارَ جا، لَنگهي سِيرَ سَنوان ٿِئا ساھَڙَ سِيباڻا، ڀِنِيءَ تي ڀاڻا، پَسان شالَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا، سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]