سُڻِجِ بابت
معنيٰ
ٻُڌِجِ، ڪن لائيج، ٻُڌجو.
May listen, hear.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا، سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا، ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- جِتي ٿِيندا پَڌِرا، واعِدا ۽ وَعِيدَ، سُڻِجِ سَڏَ سَعِيدَ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفَ جا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون، نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]