سُڌِيرُ بابت
معنيٰ
صابر، کمندڙ، ڌيرائتو، بردبار. ڏاهو، اڪابر، سياڻو، سچيت، سمجهو.
Patient, enduring. Wise, big hearted.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري، پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ، جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]