سُورائِتِي بابت
معنيٰ
سوريتي، غمگين، دردِيلي، سُور واري، ڏک واري، درد واري.
Sad, with pain, panic, agonized, painful.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو، ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو، ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- سُورائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي، سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]