سُوالَ بابت
معنيٰ
التجائُون، آزيون، درخواستون. گهُر، التماس، عرض، مانگ. پرشن، حُجت، پڇا، دريافت، تڪرار، بحث.
Solicitations, requests, questions.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ، لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ، سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]