سَھسَ بابت
معنيٰ
ھڪ ھزار، ڏھ سئو. (صفت) زيادہ، وڌيڪ، گهڻو يا گهڻيون،بي انداز.
One thousand, ten hundreds, uncountable, hundreds of hundreds, millions
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَھسَ سيکاري، مُومَلَ جي واري، نِڄاڻان ڪوھُ ٿِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سيکاري سَھسَ، پُڄِي تِئان پَهَسَ، مُون کي نَصِيبَ نيئِي جَهلِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، جانۡ ٿو وَڃين وَسَ، ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَھسَ، آئُون اَوهان جِي آھِيان، گولِي مَٿي گَسِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]